مون نوازشريف کان ڪڏهن به استعيفيٰ ناهي گهري: اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ

اسلام آباد: آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل(ر) ظهيرالاسلام چيو آهي ته مون ڪڏهن به اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ ناهي گهريو.  رپورٽ موجب ليفٽيننٽ جنرل(ر) ظهيرالاسلام ٻن لفظن ۾ انڪار ڪيو ته اسان ڪنهن به شخص جي ذريعي وزيراعظم نوازشريف کي ڪوبه پيغام ناهي موڪليو.

هن چيو ته مون ڪنهن  کي به وزيراعظم ڏانهن ڪوبه پيغام ڏيڻ لاءِ ناهي موڪليو. اهو بالڪل غلط آهي. هن چيو ته 2014 جي ڌرڻي وقت  مان حڪومت کي مشورو ڏيندو  رهيس ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ سان سياسي طريقي سان منهن ڏنو وڃي ته جيئن احتجاج ختم ڪرائي سگهجي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پهريون ڀيرو سڀني جي سامهون دعويٰ ڪئي هئي ته اڳوڻي  آءِ ايس آءِ چيف ليفٽيننٽ جنرل(ر) ظهيرالاسلام 2014 جي حڪومت خلاف ڌرڻي دوران مون کي پيغام موڪليو هو ته اڌ رات تائين استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو.

تازو ئي منعقد ٿيل مسلم ليگ(ن) جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس دوران نوازشريف پارٽي ميمبرن کي ٻڌايو ته مون کي اڌ رات جو هڪ پيغام مليو هو. هن وڌيڪ چيو ته مون کي چيو ويو  هو ته جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪيو ته ان جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا ۽ مارشل لا به لاڳو ڪري سگهجي ٿو. نوازشريف چيو ته مون هنن کي جواب ڏنو ته اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو پر مان استعيفيٰ نه ڏيندس. . واضح رهي ته نوازشريف ان  ماڻهو جو نالو نه ٻڌايو جيڪو ان وٽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جو پيغام کڻي آيو هو.

ياد رهي ته 2014 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ طاهرالقادري جي پاڪستان عوامي تحريڪ 126 ڏينهن تائين اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏنو هو جيڪو 2013 جي چونڊن ۾ مبينه  ڌانڌلي جي خلاف هو اهو پهريون ڀيرو آهي ته نوازشريف کلي پنهنجي حڪومت جو تختو اونڌو اونڌو ڪرڻ لاءِ ظهيرالاسلام جي مبينه منصوبي جي حوالي سان ڪا ڳالهه چئي هئي. ڪيترن ئي ڏينهن گذرڻ باوجود ليفٽيننٽ جنرل(ر) ظهيرالاسلام ان معاملي تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪئي هئي پر گذريل ڏينهن  هن ٻن لفظن ۾ ان ڳالهه جو انڪار ڪيو ۽ ان سان گڏ ئي هن اهو به چيو ته مون نوازشريف ڏانهن ڪوبه پيغام ناهي موڪليو.

ڏٺو وڃي ته ان وقت جي وزيراعظم ميان نوازشريف ۽ ان جي ڪابينه جي ميمبرن ۽ سينئر اڳواڻن نوازشريف کي پي ٽي آءِ ۽ پي اي ٽي جي ڌرڻي جي ذريعي اقتدار کان  ٻاهر ڪڍڻ واري مبينه منصوبي جو ذڪر ڪندا رهيا آهن پر حڪومت اڃان تائين ان معاملي جي جاچ ناهي ڪرائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔