اپوزيشن کي گوجرانوالا ۾ سورنهن آڪٽوبر تي جلسي جي اجازت ملي وئي

گوجرانوالا: ضلعي انتظاميه اپوزيشن اتحاد کي 16 آڪٽوبر تي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ڊپٽي ڪمشنر گوجرانوالا اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم کي جناح اسٽيڊيم ۾ 16 آڪٽوبر تي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. اهو نوٽيفڪيشن پي ڊي ايم طرفان اقرار نامو جمع ڪرائڻ تي ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته ضلعي انتظاميه طرفان اجازت نه ڏيڻ تي گذريل ڏينهن مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ وڪيلن به احتجاج ڪيو هو.

گوجرانوالا روايتي طور تي مسلم ليگ(ن) جو ڳڙهه چيو ويندو آهي. 2018 جي عام چونڊن ۾ به مسلم ليگ(ن) ئي جا اميدوار هتان کان قومي ۽ پنجاب اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا هئا.

16 آڪٽوبر تي جلسي جي ميزباني به مسلم ليگ(ن) ئي ڪري رهي آهي جلسي کي مريم نواز سميت پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جي يو آءِ(ف) جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان به خطاب ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔