سنڌ حڪومت ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ لاءِ ڪا به اين او سي جاري نه ڪئي هئي:وڏو وزير مراد علي شاهه

جيڪب آباد : سنڌ حڪومت ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽ لاءِ ڪا به اين او سي جاري نه ڪئي هئي، وفاقي وزير علي زيدي خط لکيو ته ٻيٽن تي ترقي ڪرڻ گهرون ٿا، اسان جواب ۾ چيو ته پنهنجا منصوبا ٻڌايو، مقامي ماڻهن جي فائدي کي نظر ۾ رکندي شرطن تحت ڪم ڪنداسين، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاقي سرڪار طرفان ڳجهه ۾ جاري ڪيل آرڊيننس پويان بدنيتي هئي، تنهن ڪري سنڌ ڪابينا ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاقي سرڪار کي پنهنجو آرڊيننس واپس وٺڻو پوندو، جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، شهري علائقن ۾ فوج ۽ رينجرز جي مدد سان امن بحال ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔