ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ۾ مارجي ويل مولانا عادل ۽ سندس ڊرائيور جو ڪيس داخل

ڪراچي : ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ۾ مارجي ويل مولانا عادل ۽ سندس ڊرائيور جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. شمع شاپنگ سينٽر ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل مولانا عادل ۽ سندس ڊرائيور جو قتل ڪيس ايس ايڇ او شاهه فيصل جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مولانا عادل ۽ سندس ڊرائيور تي ٿيل فائرنگ جو اطلاع ون فائيو ذريعي پوڻين 8 وڳي مليو، جڏهن ته 7 لڳِي 50 منٽن تي پوليس واقعي واري هنڌ موجود هئي. ايف آءِ آر جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گاڏي تي فائرنگ ڪندڙ 3 جوابدار هئا،جنهن مان هڪ ڄڻي کي شلوار قميض ۽ ٻن ڄڻن کي پينٽ شرٽ پهريل هئي.هٿياربند گاڏي تي فائرنگ ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويا.ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد مولانا عادل جو قتل ڪيس جي جاچ سي ٽي ڊي حوالي ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔