اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم ۾ جلسي جي تاريخ تي اختلاف چوٽ چڙهي ويا

اسلام آباد: حڪومت جي خلاف اپوزيشن پارٽي جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) ۾ جلسي جي تاريخ تي اختلاف سامهون اچي ويا آهن.

ذريعن موجب پي ڊي ايم ۾ اختلاف ڪوئٽه واري جلسي جي تاريخ تي ٿيو آهي. پي ڊي ايم اي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جلسو 11 آڪٽوبر تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر جي يو آءِ ۽ پي ڪي ميپ پنهنجي طور تي جلسو 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو هو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي 18 آڪٽوبر جي تاريخ ۽ تنظيمي جوڙجڪ تي خدشا آهن. پيپلز پارٽي 18 آڪٽوبر تي  ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿيلن جو ڏهاڙو ملهائيندي آهي ۽ هن ڀيري جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جي يو آءِ(ف) جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جلسي جي تاريخ ۾ تبديلي بدنيتي نه آهي پر سڀني جي سهوليت جي لاءِ تبديل ڪيل اپوزيشن اتحاد قومي مفاد ۾ آهي. ان کي هر قيمت تي  بچايو ۽ اڳيان وڌايو ويندو. اميد آهي ته ٻين مسئلن جيان هي معاملو به اڄ اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ حل ڪيو ويندو. ياد رهي ته 29 سيپٽمبر تي پي ڊي ايم بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئٽه ۾ 11 آڪٽوبر تي پهريون جلسو منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

اپوزيشن پارٽين جو گڏيل جلسو هاڻ 18 آڪٽوبر تي ڪوئٽه ۾ ٿيندو جنهن کي مريم نواز، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو خطاب ڪندو. جلسي جي تاريخ بابت حتمي فيصلو ڪرڻ لاءِ پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ اپوزيشن جي آئنده حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔