اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ استادن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ قومن جو اڏيندڙ قرار ڏنل استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي .

علم جي لاٽ روشن ڪرڻ وارا سڄي دنيا کي پنهنجي علم جي روشني سان روشن ڪندا آهن ۽ اهو ڪم ڪندڙن کي استاد چيو ويندو آهي .

استاد ڪنهن به معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ، ۽ ان ڪري ئي انهن جي خدمتن کي ساراهڻ لاءِ هر سال 5 آڪٽوبر تي استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي .

گهر مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻار کي معاشري ۾ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت جي ضرورت  هوندي آهي جيڪا کيس استاد ڏيندو آهي .

استادن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ مختلف تقريبون ڪوٺايون وينديون آهن جنهن ۾ شاگرد انهن کي خراج تحسين پيش ڪندا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔