نواز شريف ۽ مريم نواز جو ترجمان مقرر ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي: محمد زبير

ڪراچي: سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جو ترجمان مقرر ٿيڻ سندس لاءِ اعزاز آهي ۽ هو حڪومت وڃڻ تائين نواز شريف جو ترجمان رهندو، جمهوري ملڪ ۾ تنقيد جو حق هوندو آهي،نواز شريف جي سرگرم ٿيڻ سان حڪمران پريشان ٿي ويا آهن، نواز شريف اي پي سي جي پليٽ فارم تان تقرير ڪئي،نواز شريف جي تقرير کانپوءِ عوام خوش ٿيو، پر تقرير ختم ٿيڻ کان پهريان ئي حڪومت ۾ ٿرٿلو مچي ويو،سياست ڪرڻي آهي ته سياسي ميدان ۾ ڪريو، نواز شريف تي پيسا ڀارت موڪلڻ جو الزام ڪوڙو آهي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد زبير چيو ته مريم نواز سياستدانن ۾ سڀني کان مقبول ليڊر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔