اپوزيشن ۾ هوندا آهيون ته اهڙي قسم جا ڪيس ٺهندا رهندا آهن:آصف علي زرداري

اسلام آباد : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جڏهن اپوزيشن ۾ هوندا آهيون ته اهڙي قسم جا ڪيس ٺهندا رهندا آهن، هي ڪيس اسان جا ڏٺل آهن. عدالت ۾ پيشيءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻ خواجا آصف طرفان سندس بابت ڏنل بيان جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي بابت خواجه آصف ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي بيان ڏنو، هن جيڪو بيان ڏنو ان جو مقصد اپوزيشن کي تقسيم ڪرڻ هو. نواز شريف جي ٽي وي تي تقرير تي پابندي واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هاڻي ٽي وي تي ڪنهن جي تقرير روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، موبائل جي صورت ۾ ماڻهن جي هٿن ۾ هاڻي ٽي وي آهي. وفاقي حڪومت جي لاءِ ڪيترو وقت ڏسي رهيا آهيو؟، واري سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر چيو ته هاڻي ته اسان بسم الله ڪئي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خواجه آصف چيو هو ته آصف زرداري تي خدشا آهن، ان تي اسان يقين نٿا ڪري سگهون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔