اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت ن ليگ اڳواڻن خلاف مجرماڻي سازش جو ڪيس داخل

لاهور : اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ن ليگ جي اڳواڻن خلاف شاهدره ٿاڻي تي مجرماڻي سازش جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.. ڪيس هڪ شهري بدر رشيد پاران شاهدره ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو.

ڪيس ۾ مريم نواز، اياز صادق، شاهد خاقان عباسي،راجا ظفرالحق ، ظفر اقبال جهگڙا، احسن اقبال، پرويز رشيد ۽ ٻين جا نالا به شامل آهن

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جي تقرير جو مقصد پاڪستان کي عالمي برادري ۾ اڪيلو ڪرڻ هو، نواز شريف لنڊن ۾ ويهي ملڪي ادارن خلاف ڳالهايو، نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ ڀارت جي ڊڪليئر پاليسي جي تائيد ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔