وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه اپوزيشن جي تحريڪ کي رياست مخالف قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه اپوزيشن جي تحريڪ ۽ ريلين کي رياست مخالف قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اعجازشاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪا به جمهوري روايت اجازت نٿي ڏئي ته ان جي ادارن کي پائمال ڪيو وڃي.

هن چيو ته نوزشريف احتساب کان بچڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ مان رياست مخالف پروپينگنڊه ڪري رهيو آهي، هيءَ رياست مخالف ايجنڊا صرف ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي.

وفاقي گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ان جي ادارن کي تحفظ ڏيڻ اسان جو فرض آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔