اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ  ٿي رهي آهي. اسلام آباد ڪاليج فار بوائز جي سڪس ٿري ۾ ڪورونا جا پازيٽو ڪيس سامهون آيا آهن.

مذڪوره ڪاليج ۾ 3 استادن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا آهن. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ضعيم ضيا تعليمي ادارن کي سيل ڪرڻ جو خط جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ رينڊم ٽيسٽنگ جي دوران ڪيس سامهون آيا. ٻه سئو کان وڌيڪ ڪيسن تي تعليمي اداري کي سيل ڪيو ويندو.

ياد رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 8 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن ۽ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 6 هزار 507 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا  جا 553 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ گڏيل انگ 3 لک 13 هزار 984 ٿي ويو آهي.

سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 6 هزار 884 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 538 ڪورونا مريض صحتياب ٿيا ۽ صحتياب  ٿيلن جو گڏيل انگ 2 لک 98 هزار 593 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔