وفاقي ڪابينا اجلاس، نواز شريف کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ برطانيا کي ٻيهر خط لکڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ لاءِ برطانوي حڪومت کي هڪ دفعو ٻيهر خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ مختلف رخن تي غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت برطانوي حڪومت کي هڪ دفعو ٻيهر خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.

وزيراعظم عمران خان چيو ته احتساب جو عمل بنا فرق جاري رهندو، اپوزيشن کي احساس ٿي چڪو آهي ته اين آر او نه ملندو، اپوزيشن جماعتون پنهنجن ڪيسن تان توجهه هٽائڻ لاءِ ادارن کي تڪراري بڻائي رهيون آهن پر حڪومت اپوزيشن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندي.

جڏهن ته وزيراعظم مخالف ڌر جي تحريڪ تي نظر رکڻ لاءِ سينيئر وزيرن تي ٻڌل ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

ڪميٽي ۾ ڪابينا ميمبر اسد عمر، شفقت محمود، شيخ رشيد، شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ فواد چوڌري شامل هوندا.

ذريعن موجب ڪميٽي مخالف ڌر جي تحريڪ ۽ ٻين سياسي معاملن کي ڏسندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔