اپوزيشن جَي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پاران 11 آڪٽوبر تي پهريون جلسو ڪوئيٽا ۾ ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد : اپوزيشن جَي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ 11 آڪٽوبر تي پهريون جلسو ڪوئيٽا ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن شاهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف، مولانا غفور حيدري ۽ ٻين شهبازشريف جِي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته اڄ کان پي ڊي اَيم جِي باقاعده شروعات ٿي چڪي آهي. هِي تحريڪ غير جهموري قوتن کي شڪست ڏيندي ۽ سليڪيٽڊ حڪومت جَي خاتمي تائين جاري رهندي. اپوزيشن اڳواڻن تنقيد ڪندي چيو ته وفاقي وزير ٽي وي تي اچي گرفتارين جِي اڳڪٿي ڪن ٿا، نيب نيازي ڳٺ جوڙ عوام آڏو وائکو ٿي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔