ڀارت ۾ 11 پاڪستانين جي قتل واري واقعي خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيسز جاري

اسلام آباد : ڀارت ۾ سنڌ واسي 11 ڀاتين جي قتل واري واقعي خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪابينا ڊويزن ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کان جواب طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران درخواستگذار وڪيل چوڌري حسيب چيو ته ڀارت ۾ هُندو خاندان کي را لاءِ جاسوسي ڪرڻ کان انڪار تي قتل ڪيو ويو، واقعي ۾ ڀارتي جاسوس ادارو را ۽ انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس ملوث آهن، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته صدر طرفان پاڪستاني شهرين لاءِ آواز اٿارڻ سٺو عمل آهي، اقليتن جو خيال رکڻ اسان جي آئيني ذميواري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔