ڪورونا وائرس سبب ڇهن مهينن کان بند پيل پرائمري اسڪول اڄ کان کلي ويا

اسلام آباد: عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب ڇهن مهينن کان بند پيل پرائمري اسڪولن ۾ اڄ کان تدريسي سرگرمين جي شروعات ٿي وئي آهي.

پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ نرسري کان پنجين تائين جا ٻار اڄ اسڪول ويندا.  بلوچستان جي حڪومت پرائمري اسڪول کولڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

تعليمي ادارن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي عمل لازمي هوندو. صوبائي ۽ ضلعي مانيٽرنگ ٽيمون ايس او پيز تي عمل کي يقيني بنائينديون.

ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويندو ۽ ڏنڊ به لاڳو ڪيا ويندا. بيماري جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سماجي وٿي تي عمل ڪيو ويندو.

ٻار ۽ والدين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو. والدين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٻارن ۾ کنگهه يا بيماري جون نشانيون ظاهر ٿين ته انهن کي اسڪول نه موڪلين.

طبيعت وڌيڪ خراب  هجي ته ٽيسٽ ڪرائي وڃي. ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي فوري طور تي اسڪول انتظاميه کي آگاهي ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔