شهباز شريف جي گرفتاري کان پوءِ پارٽي جا معاملا هاڻ مريم نواز هلائيندي

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي گرفتاري کان پوءِ پارٽي هاڻ عملي طور تي مريم نواز ئي هلائيندي. شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال سميت سمورن سينئر ليگي اڳواڻن کي شهباز شريف جي مفاهمتي پاليسي جي بجاءِ نوازشريف جي جارحانه بيان کي ترجيح ڏيڻي پوندي.

سومر تي شهباز شريف جي گرفتاري کان اڳ ئي پارٽي جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال ٻنپهرن جو 4 وڳي پريس ڪانفرنس شيڊول ڪئي هئي پر شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ مريم نواز هنگامي پريس ڪانفرنس جو دعوت نامو موڪلي ڇڏيو هو.

(ن) ليگي ذريعن موجب شهبازشريف پنهنجي گرفتاري جي صورت ۾ پارٽي معاملا شاهد خاقان ۽ احسن اقبال جي ذريعي هلائڻ جو حڪم ڏنو هو پر مريم نواز هنگامي طور تي ميدان ۾ آئي ۽ سينئر ليگي اڳواڻن کي ان جي آواز تي لبيڪ چوڻو پيو.

احسن اقبال، پرويز رشيد، رانا ثناءُالله، سردار اياز صادق، رانا تنوير  حسين، خرم دستگير، مريم اورنگزيب سميت سمورا ليگي اڳواڻ پريس ڪانفرنس ۾ موجود هئا. صرف شاهد خاقان، خواجه آصف ۽ سعد رفيق ئي موجود نه هئا. 

مريم نواز پريس ڪانفرنس دوران اشارو ڏنو هو ته هو تمام جلد ليگي ڪارڪنن سان گڏ روڊن تي به نڪرندي. ملڪ گير احتجاجي جلوسن، ريلين سميت گلگت بلتستان  ۾ چونڊ مهم جي لاءِ به مريم نواز ئي فرنٽ فٽ تي کيڏندي. هان ڏسڻو پوندو ته پارليامينٽ جي اندر  نوازشريف ۽ مريم نواز جي پاليسي تي ڪيئن  عمل ڪيو وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔