مراد علي شاهه جي تاحيات نااهلي واري درخواست: اليڪشن ڪميشن مٿان ڪاوڙ

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ لاءِ داخل درخواست تي جواب الجواب داخل نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وڏي وزير ۽ اليڪشن ڪميشن کان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل بئنچ وڏي وزير مراد علي شاهه جي تاحيات نااهلي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن پاران جواب الجواب داخل نه ڪرائڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن طرفان ڪوبه پيش نه ٿيو آهي، جيڪو به جواب جمع ڪرائڻو آهي، ڪرايو وڃي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمنامي جي ڪاپي جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ٻٽي شهريت ڪيس ۾ سرينڊر ڪرڻ تي مراد علي شاهه کي سپريم ڪورٽ ڪليئر قرار ڏنو هو، اليڪشن ٽربيونل به مراد علي شاهه خلاف درخواستون رد ڪيون هيون. عدالت وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اليڪشن ڪميشن کي تفصيلي جواب طلب ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔