سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران رهتن جي ادائگي نه ڪرڻ تي شگر ملز مالڪن کي نوٽيس جاري

ڪراچي :سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادگارن کي رهتن جي ادائگي نه ڪرڻ تي شگر ملز مالڪن خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ڌرين کي 21 آڪٽوبر جا نوٽيس جاري ڪندي لاڳاپيل کاتي جي سيڪريٽري کي به طلب ڪري ورتو، آبادگارن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته شگر ملز مالڪن اڃا تائين 2018-19ع جون في مڻ تي 22 رپيا رهتون ادا نه ڪيون آهن، جنهن سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شگر ملز مالڪن پاران آبادگارن کي رهتن جي ادائگي نه ڪرڻ تي سنڌ گروور الائينس طرفان داخل ڪيل توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. آبادگارن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته شگر ملز مالڪن اڃا تائين 2018-19ع جون في مڻ تي 22 رپيا رهتون ادا نه ڪيون آهن، جنهن سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. ٻڌڻيءَ دوران شگر ملز مالڪن جي وڪيل پنهنجو وڪالتنامو به جمع ڪرايو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي لاڳاپيل کاتي جي سيڪريٽري کي به 21 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔