نيب هٿان گرفتار ٿيل اپوزيشن ليڊر شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش

لاهور : مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، نيب طرفان شهباز شريف جي جسماني رمانڊ لاءِ عدالت کي استدعا ڪئي ويندي، شهباز شريف جي پيشي جي موقعي تي احتساب عدالت جي چوڌاري سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو ۽ نعريبازي ڪئي وئي، پوليس طرفان پوئتي هٽائڻ دوران ليگي ڪارڪنن ۽ اهلڪارن ۾ منهن ماري به ٿي ، گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد شهباز شريف کي نيب جي ٽيم گرفتار ڪيو هو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔