جمائما خان جي برطانوي حڪومت تي تنقيد

لنڊن: وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما خان برطانوي حڪومت جي بچاءُ لاءِ ڪورونا وائرس کان مدد گهري ورتي آهي.تفصيل موجب برطانيه ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڪورونا وائرس جي لهر ڊيرا ڄمائي ورتا آهن جنهن کان پوءِ برطانوي وزيراعظم نئين پاليسي متعارف ڪرائيندي فوج کان مدد گهري ورتي آهي ۽ ماسڪ نه پائڻ جي سزا ٻه سئو پائونڊ رکي آهي.ٻئي طرف پنهنجي حڪومت جي خلاف بي باڪ خيالن جو اظهار ڪندڙ جمائما پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڍڪيل لڪيل لفظن ۾ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنايو.هن پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته اسان ان هنڌ تي پهچي چڪا آهيون جو ڪورونا وائرس پاڻ هڪ پريس ڪانفرنس ڪري ۽ اسان کي ٻڌائي ته هن حڪومت مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔