آمريڪا ايراني ريسلر کي سزا ڏيندڙ ججن مٿان پابندي هڻي ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪا ايراني ريسلر کي سزا ڏيڻ جي پاداش ۾ ججن مٿان پابندي هڻي ڇڏي آهي.
ايراني حڪومت 2018 دوران ملڪ ۾ ٿيل حڪومت مخالف مظاهرن ۾ شرڪت جي الزام هيٺ اسٽار ريسلر نويد افڪاري کي گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ موت جي سزا ڏني وئي.
آمريڪي صدر ٽرمپ ايراني عملدارن کي نويد افڪاري کي موت جي ڏنل سزا تي درخواست ڪئي هئي پر ايران آمريڪي صدر جي درخواست کي تسليم نه ڪندي نويد افڪاري کي سزا ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب هاڻ آمريڪا ريسلر کي موت جي سزا ٻڌائيندڙ ججن سميت ڪيترن ئي ايراني عملدارن تي پابندي هڻندي کين بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي انتظاميا ريسلر کي موت جي سزا کي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي قرار ڏيندي چيو آهي ته لاڳاپيل جج ۽ ايراني عملدار موت جي سزا جا ذميدار آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔