جهانگيرترين ۽ سندس پٽ کي ايف آءِ اي ٻيهر طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي ڪارپوريٽ فراڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين کي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگيرترين جي پٽ علي ترين کي 30 سيپٽمبر جڏهن ته جهانگيرترين کي هڪ آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي جي ذريعن موجب ڪارپوريٽ فراڊ ۽ مني لاڻڊرنگ ڪيس تي ايف اءِ اي 100 کان وڌيڪ سوال تيار ڪري رکيا آهن جن جا جواب ترين فيملي کي ڏيڻا آهن.

ياد رهي ته ان کان پهرين علي ترين کي 18 سيپٽمبر جڏهن ته جهانگيرترين کي 19 سيپٽمبر تي طلب ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔