دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 3 هزار 890 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون،

ڪراچي: دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 3 هزار 890 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، 2لک42 هزار 881 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 3 ڪروڙ 12 لک 23 هزار 512 ٿي ويو: ڀارت ۾ صورتحال بدستور خراب، هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ هڪ هزار 135 مريض فوت ۽ 87هزار 382 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا: آمريڪا ۾ وڌيڪ 294 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، 33 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 70لک 4 هزار کان وڌي ويو: ميڪسيڪو ۾ 455، برازيل ۾ 330،ايران ۾ 183، عراق ۾ 64 ۽ برطانيا ۾ وڌيڪ 18 ڄڻن دم ڏنو: عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 9 لک 64 هزار 761 ٿي ويو: 2 ڪروڙ 28 لک 15 هزار 995 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب به ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔