سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سهيل انور سيال ۽ سندس مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سهيل انور سيال ۽ سندس مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، نيب طرفان گهرن تي ڇاپا هڻڻ بابت صوبائي وزير سهيل انور سيال طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪوٽ ۾ سهيل انور سيال نيب جا ڇاپا روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي، سهيل سيال جي درخواست تي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته ضمانت تي هجڻ جي باوجود مسلسل گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، نيب کي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪيو وڃي، عدالت نيب کي سهيل انور سيال ۽ سندس مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جسٽس ڪي ڪي آغا جو چوڻ هو ته نيب کي اختيار ناهي ته ڪنهن جي گهر تي سرچ وارنٽ کانسواءِ ڇاپو هڻي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔