پاڪستان جو اعزاز، وبائن کي منهن ڏيڻ لاءِ تقليد جي قابل قرار

جنيوا: صحت واري عالمي اداري پاڪستان کي اهڙي ستن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي جن کي مستقبل جي عالمي وبائن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تقليد جي قابل مثال طور ڄاڻايو ويو آهي.

عالمي اقتصادي فورم کي ڏنل هڪ بريفنگ ۾ صحت واري عالمي اداري جي سربراهه ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڊاهنم 7 اهڙن ملڪن کي تقليد جي قابل مثال طور پيش ڪيو جن کان سڄي دنيا عالمي وبائن سان منهن ڏيڻ سکي سگهي ٿي .

انهن ملڪن ۾ پاڪستان، اٽلي ، ٿائي لينڊ، منگوليا ، موريشس  ۽ يورو گوئي شامل آهن .

هن چيو ته پاڪستان پوليو وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهيل انفراسٽرڪچرکي ڪورونا وبا کي روڪڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي ، هن سڄي دنيا جي ملڪن کي پنهنجي صحت واري نظام تي سيڙپڪاري ڪرڻ تي زور ڏنو.

خيال رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا خلاف موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ۽ پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ ان تي تيزي سان ڪنٽرول ڪيو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔