لاهور: موٽر وي تي عورت سان زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

لاهور: گجر پورو موٽر وي تي عورت سان زيادتي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي .

ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جهنگ مان عورت کان ڦريل سون جي مُنڊي ۽ گهڙي ملي آهي .

ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت کان ڦر کان پوءِ ڦورو کيس کائي ۾ وٺي ويا هئا ، ڦورن عورت کان هڪ لک نقد ۽ زيور لٽيا هئا .

ذريعن موجب مُنڊي ۽ گهڙي ڦورن جي فرار ٿيڻ وقت ڪري پوڻ جا امڪان آهن

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جاچ ڪندڙ اهلڪارن کي ڏينهن جي روشني ۾ ڦر ٿيل شيون مليون جن کي فنگر پرنٽ تجزئي لاءِ موڪليو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔