اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف کي پيش ٿيڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف کي پيش ٿيڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا خلاف اپيل تي لکت سان حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ عدالت طرفان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي 15 سيپٽمبر تائين پيش ٿيڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر موقعو ڏنو آهي.

عدالت چيو آهي ته رليف جي لاءِ اشتهاري ڏوهاري وٽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، نوازشريف جي وڪيل کي گذارشون پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو موقعو ڏئي رهيا آهيون، هو ٻڌائي ڪيئن اشتهاري ماڻهو کي رليف لاءِ عدالت ٻڌي سگهي ٿي.

حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته اشتهاري ٿيڻ کانپوءِ نوازشريف جون درخواستون ڪيئن ٻڌي سگهجن ٿيون؟ خواجه حارث موجب نوازشريف ڪنهن به اسپتال ۾ علاج هيٺ ناهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل موجب وفاقي حڪومت هن جي علاج جي تصديق ناهي ڪرائي ڇو ته وفاقي حڪومت موجب نوازشريف جو علاج ٿيو ئي ناهي جنهن جي تصديق ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔