ملڪ ۾ ڪورونا جا 548نوان ڪيس، 5 ڄڻا فوت

اسلام آباد:گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وبا جا 548 نوان ڪيس ۽ 5 ڄڻا فوت ٿيا آهن

اين سي اوسي طرفان جاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 548 نوان ڪيس ۽ وڌيڪ 5 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، جنهن کانپوءِ پوري ملڪ ۾ مجموعي ڪيسن جو انگ 3 لک 371 جڏهن ته فوتگين جو مجموعي انگ 6 هزار 370 ٿي ويو.

اين سي اوسي موجب هڪ ڏينهن ۾ 29 هزار 534 ٽيسٽ ڪيا ويا، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس مريضن جو انگ 1 لک 31 هزار 404، پنجاب ۾ 97 هزار 533 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 36 هزار 823 انگ آهي، اسلام آباد ۾ 15 هزار 832 ۽ بلوچستان ۾ 13 هزار 282، آزاد ڪشمير 2 هزار 366 ۽ گلگت ۾ 3131 انگ ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔