گهوٽڪي: پنهنجو ديس ڇڏي ڀارت لڏي ويندڙ هندو خاندان تنگ ٿي واپس

گهوٽڪي: 14ماڻهن تي ٻڌل گهوٽڪي واسي هندو خاندان ڀارت کان واهگه بارڊر رستي پاڪستان پهچي ويو.

واپس موٽي ايندڙ خاندان جو چوڻ هو ته هنن غلطي ڪري ڀارت لڏپلاڻ ڪئي اتي کين جهوپڙين ۾ رهڻو پيو ۽ ڏکين حالتن ۾ زندگي کي گذارڻو پئجي رهيو هو.

هنن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سندن زندگي تمام بهتر ۽ پرسڪون گذري رهي هئي، هاڻي هو واپس پنهنجي ملڪ اچي تمام پرسڪون ۽ انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيا آهن، هتي کين تحفظ حاصل آهي.

واهگه بارڊر کان لاهور ايندڙ هندو خاندان بعد ۾ پنهنجي  اباڻي شهر گهوٽڪي پهچي ويو.

ڀارت کان واپس پنهنجي ڏيهه ايندڙن ۾نانڪ رام، سندس گهرواري فقيراڻي، پٽ چاند، شيوڪ رام، ارجنداس، ڀارت، رام ديو، نياڻي سيوا ڌاري، ان کان علاوه سپنا، ڪنهيا لال، موٽڻ مل، منوج ڪمار، ڦول چند ۽ اوم پرڪش شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔