سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 مريض فوت ، 289 نوان ڪيس ظاھر

ڪراچي : سنڌ ۾ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا، 289 نوان ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد متاثرين جو انگ هڪ لک 31 هزار 404 ٿي ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وڌيڪ 3 مريض فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 2439 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن وقت 2261 مريض علاج ھيٺ آھن، جن مان 1956 گهرن ۾، 6 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 299 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، جڏهن ته 146 مريضن جي حالت ڳڻتي آهي، انهن مان 14 مريضن کي وينٽيليٽرز تي رکيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته 289 نون ڪيسن مان ڪراچي جا 198، ٺٽي جا 16 ، حيدرآباد جا 15 بدين جا 14، سانگهڙ ۽ ٽنڊو محمد خان جا 3، گهوٽڪي، قمبر، لاڙڪاڻو ۽ سکر جا 2-2، ٽنڊو الهيار، جيڪب آباد، ڄامشورو، نوشهرو فيروز، شهيد بينظير آباد ۽ شڪارپور جا 1-1 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔