سنڌ يونيورسٽي ۾ 15 سيپٽمبر کان ايس او پيز تحت تدريسي شعبا کولڻ جو فيصلو

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊينز ڪاميٽيءَ جو اهم اجلاس ڪوٺايو ويوجنهن ۾ 15 سيپٽمبر کان ايس او پيز تحت تدريسي شعبا کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پهرين مرحلي ۾ آخري سال جي شاگردن جا ڪلاسز شروع ڪيا ويندا سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت هيٺ ڊينز ڪاميٽيءَ جو هڪ اهم اجلاس وائيس چانسلر آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ حڪومت جي فيصلي تحت 15 سيپٽمبر کان ايس او پيز تحت يونيورسٽي جا سمورا تدريسي شعبا کولڻ ۽ پهرين مرحلي ۾ صرف آخري سال جي شاگردن جا ڪلاسز شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ يونيورسٽي ايندڙ سمورن شاگردن لاءِ ماسڪ پائڻ ۽ ٻين ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته پهرين، ٻئين ۽ ٽئين سال ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا ڪلاسز في الحال آن لائين ورتا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ هر مهيني رويو اجلاس منعقد ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ۽ صورتحال کي سامهون رکندي اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ويندي. اجلاس ۾ پهرين سيمسٽر جي هلندڙ آن لائين امتحانن ۽ نئين تعليمي سال 2021ع جي داخلائن جي سلسلي ۾ ٿيل تيارين جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي وائيس چانسلر اجلاس کي ٻڌايو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران سنڌ يونيورسٽي کي 10 نين بسن جي خريداري لاءِ رقم جاري ڪئي وئي آهي ۽ جلد نين بسن جي خريداري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ رجسٽرار سميت مختلف شعبن جي ڊينز ۽ لاڳاپيل انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔