سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان آدم شماري جا حتمي نتيجا جاري نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان آدم شماري جا حتمي نتيجا جاري نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، جسٽس محمد علي مظهر جو چوڻ آهي ته هي ماڻهو آدم شماري جا نتيجا دٻائي ويهي رهيا آهن تفصيل موجب تڪ بندين لاءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن طرفان ڪميٽي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻين کي شامل ڪرڻ واري ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ٻڌڻي ٿي، سنڌهاءِ ڪورٽ پاران آدم شماري جي حتمي نتيجن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، جسٽس محمد علي مظهر جو چوڻ آهي ته سي سي آئي سبب سڄو ڪم بند ٿي ويو آهي، هي ماڻهو آدم شماري جا نتيجا دٻائي ويهي رهيا آهن، هن چيو ته حتمي نتيجا جاري نه ڪرڻ سبب بلدياتي چونڊون رڪيل آهن ته ڇا ڪيون، آدم شماري جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو پر ان حوالي سان نوٽيفڪيشن اڃا جاري ڪرڻ باقي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔