برسات متاثرن کي خيما، مڇر دانيون، راشن ۽ مال لاءِ چارو ڏيڻو آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي : برسات متاثرن کي خيما، مڇر دانيون، راشن ۽ مال لاءِ چارو مهيا ڪرڻو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس دوران سنڌ ۾ تازين برساتن سبب ٿيل نقصان ۽ متاثرن جي سهائتا لاءِ اپائن تي غور ڪيو ويو، وڏي وزير چيو آهي ته ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ليفٽ بئنڪ جا ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن، اسان کي متاثرن جي مدد ۽ بحالي ڪرڻي آهي، لائيو اسٽاڪ کاتي کي ٿر، سانگهڙ، بدين ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ عوام کي سهولتون توڙي مال جو چارو مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔