تعليمي سڌارن لاءِ سڀني صوبن سان صلاح ڪرڻ گهرجي: وفاقي وزير شفقت محمود

ڪراچي : تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود ڪالهه ڪراچي پهچي سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني سان ملاقات ڪئي ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو ته ملڪ ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڪورونا سبب مسئلا ضرور پيدا ٿيا آهن پر انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، تعليمي سڌارن لاءِ سڀني صوبن سان مڪمل مشاورت ڪرڻ گهرجي، انو موقعي تي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته اسان نصاب مان انگريزي ختم ڪري رهيا آهيون، اهو تاثر بلڪل غلط آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔