سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لاٿ شروع ، گڊو وٽ وڏي ٻوڏ برقرار

ڪراچي : سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لاٿ شروع ٿي وئي ، گڊو وٽ 24 ڪلاڪن دوران پاڻي وهڪرو هڪ هزار ڪيوسڪ گهٽجڻ باوجود وڏي ٻوڏ برقرار آهي ، گڊو بئراج وٽ سنڌو ۾ مٿانهون وهڪرو 5 لک 69 هزار 570 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 54 هزار 650 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو ، درياهي پاڻي ۾ چاڙهه بعد گڊو، ڪشمور، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ خيرپور ضلعي جو ڪچو ٻڏي ويو آهي، ماڻهو پڪي طرف پنهنجي مدد پاڻ تحت اچي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔