ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جنيد ۽ وقاص جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي : ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جنيد ۽ وقاص جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ نامزد جوابدار جنيد، وقاص ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ڪيس ۾ نامزد جنيد ۽ وقاص جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔