اينڪرپرسن مريد عباس قتل ڪيس، مُک جوابدار جي ضمانت رد، عدالت مان فرار

ڪراچي : سُپريم ڪورٽ اينڪرپرسن مريد عباس قتل ڪيس جي مُک جوابدار عادل زمان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، ضمانت رد ٿيندي ئي جوابدار عادل زمان سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري مان فرار ٿي ويو، عدالت طرفان عادل زمان کي ٻيهر گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ضمانت وارو فيصلو معطل ڪندي سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جوابدار جي ضمانت منظور ڪرڻ وقت اهم شاهدين کي نظرانداز ڪيو آهي، چئن شاهدن جي بيان ۽ ثبوتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته واقعي وقت جوابدار عادل زمان موجود هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔