وفاق اوترا ئي پئسا صوبن ڏانهن موڪلي سگهي ٿو جيترو ٽيڪس جمع ٿيندو آهي: عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاق اوترا ئي پئسا صوبن ڏانهن موڪلي سگهي ٿو جيترو ٽيڪس جمع ٿيندو آهي.

ماضي ۾ وقت تي فيصلا نه ٿيڻ سبب صنعن تي وزن پيو. هن خبردار ڪيو ته سياري ۾ گيس جو بحران سنگين ٿي سگهي ٿو. بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن قومي مسئلي تي بحث ناهي ٿيندي.  رپورٽ موجب پيٽروليم ڊويزن جي اهتمام هيٺ گيس جي مسئلن تي ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به جمهوري ملڪ جي عوام کي مسئلن ۽ چيلنجن جي خبر هوندي آهي. اسان جي انڊسٽري اڄ مشڪل ۾ آهي. بجلي جي پيداوار بابت اسان کي پهريان ئي سوچڻ گهرجي ها. پهريان سوچيو وڇي ها ته عوام مٿان مهانگي بجلي جو وزن نه پوي ها.

ايل پي جي جي پيداواري لاڳت 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سبسڊي جو مقصد غريب عوام لاءِ آساني پيدا ڪرڻ آهي. سبسڊي  اهي ماڻهو وٺي رهيا آهن جيڪي اڳ ئي طاقتور آهن. سبسڊي سان هميشه فائدو طاقتور ئي کنيو. آءِ پي پيز جو ٿورائتو  آهيان جنهن اسان سان معاهدي تي ڳالهيون ڪيون. وزيراعظم چيو ته سبسڊي جو ٻيو مقصد جي ڊي پي کي وڌائڻ هوندو آهي. سبسڊي جو مقصد غريبن کي مٿي آڻڻ آهي. پاڪستان ۾ اڪثريت ايل پي جي گيس استعمال ڪندي آهي. مان به ايل پي جي گيس استعمال ڪندو آهيان.

هن چيو ته 27 سيڪڙو پاڪستانين کي گيس پائپ لائن ملندي آهي. سياري ۾ گيس جو وڏو بحران شروع ٿي ويندو آهي. معاملن کي غور هيٺ آڻيون ها ته توانائي جو بحران پيدا نه ٿئي ها. توانائي بابت ماضي ۾ ڪڏهن به غور ناهي ٿيو. 40 سال اڳ فيصلا ڪريون ها ته توناائي جو بحران پيدا نه ٿئي ها. اڄ ملڪ بجلي ۽ گيس جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔