ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري تي متحده کي احتجاج ڪرڻو آهي ته ڀلي ڪري: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته برساتن سبب پوري ملڪ ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي، هن  ڏکئي وقت ۾ پ پ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ لڳل آهي، برساتن جي تباهي سبب سنڌ جي 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي، مها ٻوڏ دوران ان وقت جي وفاقي سرڪار وطن ڪارڊ ۽ پاڪستان ڪارڊ جاري ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو. سڀ کان پهريان جوهي ۾ ٻوڏ آئي ته وڏي وزير پاڻ 2 ڀيرا جوهي جو دورو ڪيو، پير جي هڏي ۾ تڪليف باوجود پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاڻ برسات متاثر ضلعن جو دورو ڪري رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وڏي وزير گذريل ڏينهن وزيراعظم کي خط لکي گذارش ڪئي آهي ته برساتن سبب 25 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن 11 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ۽ 15 هزار ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جيان وزيراعظم عمران خان کي به متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وڏي وزير پاران وزيراعظم کي اماڻيل خط ۾ زرعي قرض معاف ڪرڻ ۽ متاثرين کي روڪ رقم جي صورت ۾ امداد جي ادائگي جي به سفارش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ اڳ ۾ جيڪي اعلان ٿيا، اهي پورا نه ڪيا ويا. فيبروري 2019ع ۾ وزيراعظم 162 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو . مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي ترقياتي رٿائن لاءِ 802 ارب رپين جي پرڏيهي فنڊنگ جو بندوبست ڪيو، بحريا ٽائون جا سپريم ڪورٽ ۾ ٻن سالن کان 62 ارب رپيا پيل آهن اهي پئسا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي پر وفاق ڪائونٽر درخواست ڪرائي ڇڏي آهي ته اهي پئسا سنڌ حڪومت کي نه پر وفاقي سرڪار کي ڏنا وڃن.. هن وڌيڪ چيو ته اهي پئسا سنڌ جا آهن، سپريم ڪورٽ انهن پئسن جي شفاف نموني خرچ لاءِ ڀلي مانيٽر نگ ڪري. هن چيو ته وزيراعظم جي منفرد پريس ڪانفرنس دوران شهر لاءِ 11سئو ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو پر اتي صحافي موجود نه هئا، انڪري سوال نه ٿي سگهيا. خبر پئي ته انهن 1100 مان 802 ارب رپيا سنڌ جا آهن، جنهن تي وفاق مٿان ميڊيا تنقيد ڪئي وئي. تنقيد کان بچڻ لاءِ وفاقي وزيرن پريس ڪانفرنس ڪري چيو ته 11 سئو اربن ۾ 62 سيڪڙو وفاق ۽ 38 سيڪڙو صوبائي حڪومت جا آهن. هن چيو ته دستاويزن موجب 362 ارب وفاق جا آهن، انهن مان 262 پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت باقي 103 ارب وفاقي بجيٽ مان خرچ ڪيا ويندا، باقي 749 ارب روپيا سنڌ حڪومت جا آهن، اها سيڙپ پنجن سالن اندر ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ جي 749 ارب رپين ۾ ورلڊ بينڪ، ايشين بينڪ، چيني حڪومت، پبلڪ پارٽنر شپ ۽ بحريا ٽائون وارا پئسا شامل آهن، ڪي سي آر سي پيڪ جو حصو آهي، جنهن کي 2017ع ۾ ايڪنڪ منظور ڪيو، ڪي سي آر تي گرائونڊ ورڪ سنڌ حڪومت ڪيو، وفاق 3 سئو اربن جو ڪريڊٽ کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان ماس ٽرانزٽ لاءِ ريڊ لائين رٿا آڻي رهيا آهيون، جيڪا فارين فنڊنگ سان ايندڙ چئن مهينن ۾ شروع ٿيندي. مرتضيٰ وهاب چيو ته 28 ارب رپين جي لاڳت سان ملير ايڪسپريس وي رٿا به ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ شروع ڪئي ويندي، جيڪا اڍائي سالن ۾ مڪمل ٿي ويندي. نيشنل هائي وي ۽ سپر هاءِ وي کي ملائيندڙ لنڪ روڊ رٿا به جلد شروع ڪنداسين، ابراهيم حيدري ۽ ملير روڊ رٿائون ٻن مهينن اندر مڪمل ٿينديون. موجوده بجيٽ ۾ ڪراچي جي روڊن جي مرمت تي 7 ڏهائي 8 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا. ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري تي متحده کي جيڪو احتجاج ڪرڻو آهي، اها ڀلي ڪري پر لساني ڳالهيون نه ڪيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔