گڊو بئراج ۾ 22 ھزار ڪيوسڪ پاڻي وڌي ويو، ڪچي مان لڏپلاڻ شروع

ڪراچي: گڊو بئراج ۾ 24 ڪلاڪن دوران 22 ھزار ڪيوسڪ پاڻي وڌي ويو آهي، گڊو بئراج ۾ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 5 لک 70 ھزار722 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، گڊو بئراج وٽ ھيٺانھون وھڪرو 5 لک40 ھزار650 رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته انتظاميا ڪچي ۾ موجود ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي اچڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي، انتظاميه جو چوڻ آهي ته 24ڪلاڪن ۾ گڊو بئراج وٽ 50 ھزار ڪيوسڪ پاڻي وڌي سگھي ٿو، جڏهن ته سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سنڌو سميت سمورن دريائن ۾ لاٿ شروع ٿي وئي آهي، سکر بئراج تي پاڻي جي آمد4 لک 60 هزار 280 ۽ هيٺاهون وهڪرو 4لک18هزار555 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهون وڪرو2 لک2هزار71۽ هيٺاهون وهڪرو هڪ لک97هزار701ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔