فون نٿو هلائڻ اچي؛ همراهه چوري ڪيل فون مالڪ کي واپس ڪري ڇڏيو!!

نئين دهلي: هندستان ۾ هڪ چور استعمال ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري مالڪ کي قيمتي موبائل فون واپس ڪري ڇڏيو ، مالڪ 45 هزار رپين جو فون واپس ملڻ بعد چور کي معاف ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب هڪ عجيب واقعو ڀارت جي ضلع بردوان جي جمال پور واري علائقي ۾ پيش آيو جتي هڪ شخص قيمتي موبائل فون چوري ڪري ويو.
اهو واقعو 4 سيپٽمبر تي پيش آيو جڏهن هڪ گراهڪ جيڪو مٺائي جي دڪان ۾ آيو هو پنهنجو قيمتي موبائل فون وساري ويٺو پر ٿوري دير کانپوءِ جڏهن هو واپس آيو فون اتان کان چوري ٿي ويو فون جي قيمت 45 هزار رپيا ٻڌائي وڃي ٿي
پوليس موجب ، فون جي مالڪ چيو آهي ته جڏهن مون پنهنجي نمبر تي ڪال ڪئي ته رنگ وڃي رهي هئي جنهن بعد چور ان کي بند ڪري ڇڏي.
پوليس جو چوڻ آهي ته فون جي مالڪ پڻ پوليس اسٽيشن ۾ چوري جي شڪايت ڪئي هئي ، پر ٽن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هن پنهنجي موبائيل تي ٻيهر فون ڪيو ، چور فون کنيو ۽ چيو ته هن کي اهو فون هلائڻ نٿو اچي ، ان ڪري هو اهو فون واپس ڪرڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔