جمال خاشقجي قتل ڪيس: جوابدارن جي موت واري سزا قيد ۾ تبديل

رياض: سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي جي قتل ۾ ملوث پنج ڄڻن جي موت جي سزا کي تبديل ڪندي گڏيل طور تي 8 ڄڻن کي 7 کان 20 سال جيتري قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب عدالت قتل جي الزام ۾ 5 ڄڻن کي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ٽن ڄڻن کي 7 کان 10 سالن جي وچ ۾ قيد جي سزا ٻڌائي.
سعودي عرب جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب عدالت 5 ڄڻن کي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي جڏهن ته 3 ڄڻن کي 7 کان 10 سال جيل جي سزا ٻڌائي وئي.
عدالت جو حتمي فيصلو مئي ۾ جمال خوشقجي جي پٽن طرفان جوابدارن کي معافي ڏيڻ کان پوءِ سامهون آيو جنهن کان پوءِ انهن ماڻهن کي موت جي سزا ته نٿي ڏئي سگهجي البت انهن کي قيد ۾ رکيو ويندو.
واضح رهي ته سعودي عرب جي هڪ فوجداري عدالت گذريل سال ڊسمبر ۾ جمال خاشقجي جي قتل جي ڏوهه ۾ 5 ڄڻن کي ڏوهاري قرار ڏئي موت جي سزا جو حڪم ڏنو هو ۽ ڪيس ۾ ملوث هئڻ جي ڏوهه ۾ ٽن ڄڻن کي گڏيل طور تي 24 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔