آگسٽ مهيني جي آخري هفتي ۾ مهانگائي جي شرح وڌي 9 ڏهائي 47 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي : آگسٽ مهيني جي آخري هفتي ۾ مهانگائي جي شرح وڌي 9 ڏهائي 47 سيڪڙو ٿي وئي، شماريات کاتي مهانگائي جي حوالي سان هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران ٽماٽا، بصر، چڻن ۽ مڱن جي دال مهانگي ٿي وئي، کير، ڏهي، پٽاٽن، ڪڪڙ، انڊي ۽ ٿوم جي اگهن ۾ به اضافو ڪيو ويو، شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آگسٽ مهيني جي آخري هفتي دوران کنڊ، ڪڻڪ، اٽو، چانور ۽ دال ماش جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي، وڏي ۽ ننڍي گوشت سوڌو خُشڪ کير ۽ چانهه جا اگهه برقرار رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔