ڀارت تعصبي قدمن کان پاسو ڪري؛ چين

بيجنگ؛ چين هندستان کي خبردار ڪيو آهي ته هو 118 چيني موبائل ايپس بند ڪري تعصبي قدمن کان پاسو ڪري.
چين ۾ سفارتخاني جي ترجمان جي جيانگ رونگ ميڊيا کي ٻڌايو ته چين کي قومي سلامتي جي آڙ ۾ بيجنگ سان لاڳاپيل موبائيل ايپس بلاڪ ڪرڻ جي هندستاني حڪومت جي فيصلي تي سخت ڳڻتي آهي ۽ ان جي سخت مخالفت ڪئي.
هن چيو ته هندستان ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔