نيب آفيس هنگامو ڪيس: ڪيپٽن صفدر جي ضمانت لاءِ درخواست خارج

لاهور: نيب آفيس جي ٻاهران هنگامي بابت ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر سميت 16 ڪارڪنن جي ضمانت لاءِ ڏنل درخواست خارج ٿي وئي.

سيشن ڪورٽ (ر) ڪيپٽن صفدر ۽ ٻين جي عبوري ضمانت لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته پوليس طرفان ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، عبوري ضمانت لاءِ درخواست سيشن ڪورٽ جي اختيار ۾ نٿي اچي.

ڪيپٽن صفدر جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سياسي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم استعمال ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي، پوليس حقيقتن جي ابتڙ دهشتگردي جا قلم هنيا آهن.

ياد رهي ته گذريل مهيني مريم نواز نيب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن ڪري مريم نواز پنهنجو بيان ريڪارڊ نه ڪرائي سگهي هئي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔