افغانستان: ٻه سئو طالبان جي رهائي جي بدلي اسپيشل فورس جا ڇهه مغوي آزاد

ڪابل: افغان حڪومت لويه جرگه جي منظوري کان پوءِ خطرناڪ ڪيسن ۾ گرفتار وڌيڪ 200 طالبان ويڙهاڪن کي رها ڪري ڇڏيو جنهن جي جواب ۾ طالبان به اسپيشل فورس جي 6 مغوي اهلڪارن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغان صدر اشرف غني جي هدايتن تي سنگين ڪيسن کي منهن ڏيندڙ 400 طالبان ويڙهاڪن مان وڌيڪ 200 کي اڄ آزاد ڪيو ويو. ياد رهي ته ان کان اڳ 80 کان وڌيڪ قيدين جي هڪ گروپ کي اڳ ئي رها ڪيو ويو آهي. ان 200 ويڙهاڪن کي ڪابل جي مرڪزي جيل مان رها ڪيو ويو جنهن جي بدلي ۾ طالبان افغان اسپيشل فورس جي 6 مغوي اهلڪارن کي آزاد ڪري ڇڏيو هو پر ان اهلڪارن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
ڪابل حڪومت جي اهم شخصيت نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته قيدين جي مٽاسٽا جي عمل کي فوري طور تي مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن جلد کان جلد انٽرا افغان ڳالهين جي شروعات ٿي سگهي. واضح رهي ته هلندڙ سال 29 فيبروري تي افغان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ طئي ٿيندڙ امن معاهدي تحت ڪابل حڪومت کي 5 هزار طالبان کي آزاد ڪرڻو هو جن مان 4 هزار 600 کي آزاد ڪيو ويو هو.
ڪابل حڪومت باقي رهيل 500 قيدين جي رهائي سنگين ڪيسن ۾ ملوث هجڻ سبب لويه جرگه جي منظوري سان مشروط ڪئي هئي جيڪا گذريل مهيني جي گرينڊ اجلاس ۾ منظور ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔