والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري ،قابض فوج وڌيڪ 3نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري آهي، قابض فوج وڌيڪ ٽن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڀارتي فوج پلواما ۾ ڪڙو چاڙهڻ بهاني وڌيڪ ٽن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو. رپورٽ موجب، گذريل ڏينهن به ڀارتي فوج ڪڙو چاڙهڻ بهاني شوپيا ضلعي ۾ چئن ڄڻن کي شهيد ڪيو هو. ٻن ڏينهن دوران ڀارتي رياستي دهشتگردي سبب 7 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔