وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڪي اليڪٽرڪ آفيس جو دورو،شهر جي بجلي بند ڪرڻ تي پڇاڻو

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اوچتو ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس جو دورو ڪيو ويو،ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران انتظاميا کي شهر ۾ 35 35 ڪلاڪ بجلي بند رکڻ تي پڇاڻو ڪيو ، سندس چوڻ هو ته هي ڪهڙي انٽظاميا آهي جو 35 35 ڪلاڪ بجلي نه ٿي هلي ،وڏي وزير انتطاميا کي هدايت ڪئي ته شهر جي فوري طور تي بجلي بحال ڪئي وڃي ،ان موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او وڏي وزير جو استقبال ڪيو ، ٻئي پاسي ڪي الڪيٽرڪ ترجمان چيو ته ڪراچي شهر جي 92 سيڪڙو کان وڌيڪ هنڌن تي بجلي جي بحالي جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، لي مارڪيٽ، موسيٰ لين ۽ گلستان جوهر ۾ به بجلي بحال ڪئي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان چيو ته ڊفينس فيز 8،4،2،1، ڪلفٽن بلاڪ 2، باٿ آئلينڊ ڪلفٽن ، ناظم آباد جي ڪجهه بلاڪن سميت ڪورنگي ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب تيز برساتن سبب ڪي اليڪٽرڪ جا 50 سيڪڙو سب اسٽيشن پاڻي هيٺ اچي ويا، بجلي کان اڳ لڳل اوزارن جو خشڪ هجڻ لازمي آهي، ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي متاثر ٿيل صارفين جي تڪليف جو احساس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔