ڪراچي ۾ برسات متاثرعلائقن ۾ پاڪ فوج ۽ نيوي طرفان ريسڪيو آپريشن جاري

ڪراچي :ڪراچي ۾ برسات متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج ۽ نيوي طرفان ريسڪيو آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڪ فوج ۽ نيوي جو ريسڪيو آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، سي او ڊي انڊر پاس مان پاڻي ڪڍي شاهراهه فيصل کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، ڪي پي ٽي انڊر پاس تي پڻ پاڻي جي نيڪالي جو ڪم جاري آهي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، شهر ۾ 32 ميڊيڪل ۽ 56 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جون ٽي طبي ڪيمپون قيوم آباد، سرجاني ۽ سعدي ٽائون ۾ قائم ڪيون ويون آهن، جتي پاڪ جا ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪري پيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، متاثر علائقن ۾ کاڌ خوراڪ ۽ طبي امداد پهچائي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔