ڪراچي جي مختلف علائقن مان برسات جي ٽئين ڏينهن به پاڻي نه نڪري سگهيو

ڪراچي: سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي مان طوفاني برسات هلي وئي پر پٺيان ٽُٽل، ڦُٽل روڊ ۽ رهيل سهيل وهــڪرا ڇڏي وئي، اڪثر علائقن مان اڃا تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، آءِ آءِ چندريگر روڊ، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج سميت ٻين علائقن ۾ 2کان 3 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، اهم ادارن جي آفيسن آڏو به گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، روڊ رستا تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا، اولڊ سٽي ايريا، کڏا مارڪيٽ ۽ ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي دڪانن توڙي گهرن ۾ داخل ٿيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔